پرائيويٽ اسڪول استاد

تيرٿ جھانگي

جمال روز وهنجي سهنجي تيار ٿي اسڪول ويندو آهي، ڪپڙا روز پريس ٿيل هوندا آهن، بوٽ پاليش ٿيل هوندا آهن. اهو ڏسي ڪمال کي حيريت لڳندي آهي ته جمال روز تيار ٿي اسڪول ٿو وڃي، سندن ذاتي تياري تي ايترو خرچ ٿو ڪري ۽ پگھار ته صرف پنج هزار آهي، ايتري ننڍڙي پگھار ۾ ڪيئن ٿو پورائو ڪري؟ منهنجي پگھار به ٽيهه هزار آهي پوءِ به ائين تيار ٿي نٿو هلان، بوٽ ته بس ڪڏهن ڪو صاحب اچڻو هوندو آهي تڏنهن  پائيندو آهيان، پر خرچن جو پورائو ٿي ئي نٿو.

هڪ ڏينهن جمال کي ويندو ڏسي روڪي ۽ پڇي ورتائين ته ڏي خبر ڪمال تون هي پائوڊر ڪريم هڻي، روز ڪپڙا پريس ٿيل پائي، بوٽ پاليس ٿيل پائي اسڪول ٿو وڃين، پر پگھار ته صرف پنج هزار آهي، تون ڪيئن ٿو پورائو ڪرين؟

جمال کلي وراڻيو؛ سائين اها اسانجي اسڪول جي پاليسي آهي ته استاد کي تيار ٿي اسڪول اچڻو آهي، استاد شاگرن جو محور هوندو آهي ۽ اهو رول ماڊل هوندو آهي انڪري جيڪڏهن استاد پنهنجي صفائي ۽ سٿرائي جو خيال نه رکندو ته پوءِ شاگردن کي هدايت ڪيئن ڪري سگھندو.

ڪمال وچان ڳالهه ڪٽيندي چيائين؛ هڪڙو ته اوهان پرائيويٽ استادن ۾ اهو ليڪچر جو مرض آهي، سوال جو سڌو ننڍڙو جواب ڏي يا ليڪچر شروع ڪر.

جمال چيو سائين؛ جيستائين اسان هر ٽاپڪ جي سڀني پهلوئن تي نه ڳالهائينداسين، تيستائين اهو سمجھي ڪيئن سگھندو، جنهنکي سمجهائي رهيا آهيون.

ڪمال چيو مون ته صرف اهو پڇيو ته تون هن ننڍڙي پگھار ۾ ڪيئن ٿو پورائو ڪرين؟

جمال چيو سائين آئون اهو ئي ته سمجھايان پيو ته جيڪڏهن اسان زندگي جا ڪجهه اصول ٺاهي ڇڏيون، ۽ انهن اصولن تي ئي هلون ته اسان جا غير ضروري خرچ ختم ٿي ويندا ۽ اسان پنهنجي زندگي کي بهتر نموني سان گذاري سگھنداسين ۽ اسان کي پنهنجو چيڪ بوڪ به ڪنهن وٽ گروي ڪونه رکڻو پوندو، اسانکي ڪنهن راڪيٽ سائنس نه پر بهتر انتظامڪاري جي ضرورت آهي.

ڪمال ڪجهه شرمندگي ۽ آڪڙ مان چيو؛ ها ها ٻڌي تنهنجي انتظامڪاري.

جمال جي چهري تي اڻلکي مرڪ تري آئي ۽ گھڙي ڏانهن ڏسندي اسڪول روانو ٿيو.

Total Page Visits: 895 - Today Page Visits: 6

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here