هڪ ڏينهن، هڪڙي گروجي تقرير ڪندي فرمايو ته ”محبتون طويل ڪجن، قصا مختصر ڪجن“مون جيئن ئي اهو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ته سڀني لفظن جو ڇيد ڪرڻ بدران اهو ئي پڇيو ته اهوگروجي آهي ڪير؟
جڏهن سڀ ساٿي گروجي ڳولڻ لڳا ته مون وري پنهنجن سمورن گروئن جي گيان جو ڌيان ڪرڻ شروع ڪيو ۽ بيترتيب جملا ۽ بي معنيٰ لفظ انهن جي نظر ڪرڻ شروع ڪيا. جن کي پڙهندڙن ۽ همت افزائي ڪندڙن "گروجي فرمايو" جي ترتيب ڏياري.
اڄ بہ تمام گھڻا دوست اھو ٿا پڇندا رھن تہ تنھنجو گروجي آھي ڪير؟اسان کي بہ ته ڪڏهن انهي گروجي سان ملاءِ.
مون ڪڏهن به اهو دعويٰ ناهي ڪئي ته آئون ڪو گروجي آهيان ۽ اهو منهنجو اوهان لاءِ گيان آهي، يا انھن سمورن خيالن ۾ منھنجي ڪو ڏاھپ لڪيلآهي، آئون اڄ به شاگرد آهيان، اھو سمورو گيان استادن جو ڏنل آھي، جنھن کي مون ”گروجي فرمايو“ جي سري هيٺ ترتيب ڏئي پڙھندڙن لاء محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون جن کان به زندگي ۾ ڪوبه سبق سکيو، اھي سڀ منھنجا گروجي آھن، اهو چوڻ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اوھان سڀ منھنجا گروجي آھيو جن مونکي اهو ڪتاب اوھان تائين پڄائڻ جي لائق بڻايو آهي.
آئون منھنجو ننڍڙو ڪمجيڪو توڙي جو اڻگھڙيو ۽ بيترتيب آھي پر پوءِ به انهي کي محفوظ ڪرڻ خاطر موجوده ۽ ايندڙ دور جي گھرجن پٽاندڙ پنھنجي اي اسپيس ”جھانگي زون“ www.jhangizone.com تي اپلوڊ ڪري پڌرو ٿو ڪريان. اوھان جي هر صلاح، راءِ، خيال ۽ گيان تي ڌيان ڏبو ۽ بيترتيب خيالن کي ترتيب ڏيڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪبي.
آئون پڙهندڙ آهيان ۽ ڀلي ڀت واقف آهيان ته ”پنهنجي پاران“ پڙهڻ ۾ ڪنهنجو به ايترو شوق ناهي ۽ اي اسپيس تي به گھٽ اسپيس والارڻ خاطر وڌيڪ
اينگھائڻ نٿو چاهيان.
گروجيفرمان ۽ گيان جو گُرو جيتت ڇا هُجڻ کپجي.؟ گُرو جي پوئواري ڪجي يا وري صرف گُرو جي ڏسيل راھ وٺي، جهان جا جنجھٽ جھاڳڻ جا وس ڪجن. گيان کي سمجھڻ وارا، گيان کي به مختلف سانچن ۽ ڍانچن ۾ رکي سمجھن ۽ پروڙين ٿا. گيان کي ڄاڻ ، پروڙ ، سمجهه ، ٻُڌي ، فهم ، پرجهه ، وقوف ، ادراڪ ۽ شناخت به چون، ته ڪي وري گيان کيآتمڪ گيان (روحاني علم، علم معرفت ، خُدا شناسي ۽ خودشناسيءَ جو علم)، اَنتر گِيانُ (اندروني ڄاڻ ، اِلقاء ، الهام ، ڪشف)، اَگم گيانُ (غيب جو علم ، ڳجهه جي ڄاڻَ)، بِرهَم گِيانُ ۽ پَرم گِيانُ سميت ٻين طبقن ۾ به ورھائين.
اصل ۾ هن ڪتاب ۾ شامل گيان؛ جنھن کي طويل مُحبتن جو مختصر قصو چئون ٿا، اهو شخصي، ذاتي ۽ سماجي تاڃي پيٽي مان اُڻيل آھي. اھو هاڻ توھان پڙھندڙ تي ڇڏجي ٿو ته توهان انھي گيان، تجربن ۽ مشاھدن کي ڪھڙي سانچي ۾ رکو ٿا.
انھيڪتاب ۾ مُنھنجي فھم مطابق ڪا دعواي ناھي، نه وري ليکڪ ڪا اِھا هام هڻي ٿو ته بابا هاڻ بس ڇيڙو ٿي ويو، يا وري اهو ڪنھن الڳ پنٿ يا فرقي ٺاھڻ جي ڪا ڪوشش آھي. بس جيڪو زندگي سيکاريو، سمجھايو يا ڏيکاريو، ھيءُ اُنھي جو عڪس آھي.
جيئن گرو رجنيش تي هن جي عقل، فهم ۽ گيان کي پاسيرو رکي اها ڇاپ لڳي رهي ته هو امير ماڻھن جو گرو آھي، ايئن هن جهنگ جي گرو جي گيان تي به اها تهمت لڳي سگهي ٿي ته هي شھري بکشوئن جي گرو جو گيان آھي.
باوجود انھي غير منطقي ڳالھ جي آئون اُنهي گيان ۽ فهم جو جاپ ڪندس، جنهن گيان جي ڪا سرحد ناهي، جنهن گيان جي ڪا به مذهبي ۽ سياسي وابستگي ناهي. جيڪو گرو جي فرمايو آھي، اهو هِن گرو جو پنهنجو نج ذاتي تجربو ۽ مشاهدو آھي. اِهو گيان اسان جي روزمرھ جي زندگي، اُنهي جي لاهن چاڙھن، سماجي روين، معاشي متڀيد ۽ رشتن جي سلوڪ مان نچوڙي اخذ ڪيل آھي.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل گيان، اهو گيان آھي جيڪو گرو جي پنهنجي تجرباتي ۽ مشاهداتي سگھ جو پنهنجو مظھر آھي. جنهن جي پُٺيان ڪنهن نه ڪنهن ڏٺي يا اڻ ڏٺي واردات جي اٿل پُٿل ضرورآھي. هن ڪتاب ۾ جيڪو گيان ڏنل آھي، اهو ضروري به ناهي ته هر ڪنھن پڙھندڙ جي ذهني، سماجي، مذھبي يا سياسي تعلق جي عين مطابق هجي. مون کي به ته ڪجھ ڳالهين سان به اختلاف آھن، اِھو حق ھر پاڙھو کي حاصل آھي .
گرُو رجنيش پنهنجي گيان متعلق چيو آھي ته، ”مُنهنجي ٻُڌايل هر ڳالھ کي دُرست سمجهڻ يا مڃڻ بدران، اُن بابت سوچي ۽ ويچاري پنهنجي عقل ۽ دماغ جو پُڻ اِستعمال ڪريو. اِهو ڪو ضروري ته ناهي مُنهنجي هر ڳالھ دُرست هُجي، ٿِي سگهي ٿو ته آئون غلط هُجان“. سو اِهو به ضروري ڪونهي ڪو ته توهان به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مُختصر پر معنيٰ خيز ڳالهين سان مڪمل يا ٿورو به اتفاق ڪيو.
هونئن به هاڻ اسان سڀئي پنهنجو پاڻ کي ٿورا ٿڪا عقلِ ڪُل يا ڏاھا سمجهون ٿا، اهو ڳالهيون انهن ڏاهن لاءِ شايد نه به هجن پر اهلِ دل لاءِ دل ڇُهندڙ اقوال زرين جو درجو ضرور رکن ٿيون.
اسان جيهن گُرو جي اِها ڪماليت آھي جو هن پُراڻي انڌي يقين، اعتقاد ۽ سوچ کي نئين نسل جي ذھنن تي ٿاڦڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، هن گرو جي گيان ۾ ڪو جبر ناهي؛ ڪا زبردستي ڪونهي. هونئن به جنهن رشتي، تعلق يا علم ۾ ڏاڍ ناهي، اهو انتهائي محبوب هوندو آھي.
هڪ مشهور فلسفيءَ جو قول آهي ته توهان ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي شخص کي پاڻ وٽ نوڪر نه ٿا رکي سگهو. ڪنهن به شعبي ۾ ڪامياب
ٿيڻ چاهيو ٿا ته توهان کي اها ڪاميابي ڪنهن ٻاهرينءَ مدد سواءِ پاڻ ئي حاصل ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڪو شخص توهان کي منزل تائين پهچڻ جو رستو ٻڌائي ٿو ته ان منزل تائين پهچڻ لاءِ رستو توهان کي پاڻ ئي طئي ڪرڻو پوندو. ھِن گرو جي گيان جي به ساڳي ڳالھ آھي، جنھن ۾ رستو ڏسيل آھي ۽ منزل به آھي. ھاڻي اهو سڀ پڙھندڙ تي مدار ٿو رکي ته هو ڪيئن انھي گيان جي چيچ جھلي سفر ڪن ٿا.
وڏي ڳالھ اها آھي ته گرو جي جو گيان ڏيندڙپاڻ اهو ٿو چوي ته مون ڪڏهن به اهو دعويٰ ناهي ڪئي ته آئون ڪو گروجي آهيان ۽ اهو منهنجو اوهان لاءِ گيان آهي، يا انھن سمورن خيالن ۾ منھنجي ڪو ڏاھپ لڪيلآهي، آئون اڄ به شاگرد آهيان، اھو سمورو گيان استادن جو ڏنل آھي. مون اِھو سمورو گيان دل سان پڙھيو آھي، جيڪو ڪٿي ڪٿي اسان جي زخمن تي پھا ٿو رکي ته ڪٿي اسان جي دردن کي هوا به ڏي ٿو. بس اھو اسان جي سماج جو نسورو سچ آھي، جيڪو سچ لکڻ، پڙھڻ ۽ ٻُڌائڻ ڪاوون تي اگھاڙن پيرن سفر ڪرڻ جھڙو آھي.
مُڪيش راجا سُوٽھڙ
صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺي، ٿر
گروجي فرمايو
گروجي فرمايو: ”محبتون طويل ڪجن، قصا مختصر هجن“
گروجي فرمايو:”ڪنهن تي به ڀروسو ان جي ڪم تي ڪجي هن سان رشتي تي نه“
گروجي فرمايو:”ڇا اوهانکي بهتر ماني ملي پائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ ضرورت جون شيون ملن پر اوهان غلام هجو ته اهڙي غلامي پسند آهي جي نه ته پوءِ غلامي ناقابل برداشت آهي“
گروجي فرمايو:”لڙڪ مرڪ ۽ فرق سمجھڻ لاءِ دل ۽ دماغ ٻنهي جو استعمال ضروري هوندو آهي“
گروجي فرمايو:”هي تنهنجي ۽ منهنجي جي تصور سان ئي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ملي ٿو، نه ته رڳو تنهنجو هجڻ بند گلي چئبي“
گروجي فرمايو:”جذبن جو نه هجڻ ۽ جذبن جو ناسمجھي ۾ استعمال زندگيون لوڙهي ڇڏيندو آهي“
گروجي فرمايو:”صرف وڻ ئي اهو ساهوارو آهي جيڪو پنهنجو پڪل ميوو پاڻ ناهي کائيندو، جڏهن ته انسان جي جنهن به پڪل ميوي تي نظر ٿي پهچي انهي کي پنهنجو سمجھي کائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري“
گروجي فرمايو:”منافقي، مجبوري ۽ محتاجي ماڻهو کي ننگو ڪري ڇڏينديون آهن، پوءِ کڻي ريشم جا ڪپڙا پاتل ڇونه هجن“
گروجي فرمايو:”رشتا مختلف ويساهن جو مرڪب هوندا آهن، ويساهه ٽُٽو مرڪب عنصر، عنصر“
گروجي فرمايو:”ڪوشش ڪري پنهنجي هر خوشي ۽ هر غم بهتر طور بيان ڪجي ڇو ته خوشي وڌي ٿي خوشي بيان ڪرڻ سان ۽ غم گھٽجي ٿو غم بيان ڪرڻ سان.“
گروجي فرمايو:”جنهن به شيءَ جو ملهه لڳندو آهي اهو هڪ ڏينهن ضرور وڪامڻ لڳندي آهي پوءِ ٽڪي ٽڪي وڪامجي يا ٽڪي جي ٿي وڪامجي.“
گروجي فرمايو:”جڏهن پنهنجو پاڻ تي ڀروسو هجي ته پوءِ اهو ڏسڻ ضروري ناهي ته اوهان سان گڏ ڪير بيٺل آهي.“
گروجي فرمايو:”هي سماج ۽ سماجي رشتا صرف مردن جو محتاج آهن جيڪي صرف مردن جي حقن جي حفاظت ڪن ٿا باقي هي سماج نه عورت جو آهي نه ئي وري عورت لاءِ آهي.“
گروجي فرمايو:”اسان اهو ڪڏهن سمجھنداسين ته عورت هڪ انسان آهي رڳو مرد جي عزت نه.“
گروجي فرمايو:”هر اهو روشن ذهن پنهنجي تخليق توڙي محنت جي پيشڪش لاءِ عورت جو استعمال ٿو ڪري اهو روشن ذهن ڪيئن ٿيو؟“
گروجي فرمايو:”هتي هر مرد ٻئي جي عورت جي آزادي لاءِ ڪوشش ڪري پيو پر پنهنجي عورت جي ڳالهه ٿي اچي ته غيرت ڀڙڪي ٿي اُٿي.“
گروجي فرمايو:”انا کي ماريو پر نه ٻئي جو حق لتاڙيو نه پنهنجو حق لتاڙجڻ ڏيو“
گروجي فرمايو:”جنهن حق لاءِ وڙهڻ ڇڏي ڏنو هو ٻين جو حق ٿي ويو.“
گروجي فرمايو:”انا ڪڏهن به حق جي جنگ جو حصو ناهي ٿيندي انا هميشه حق ماريندڙ جي پاسي هوندي آهي.“
گروجي فرمايو:”هن وقت جي منڊي ۾ هر شيءَ وڪجي ٿي، ذهن وڪجن، شعور وڪجي، لڙڪ وڪجن، مرڪ وڪجي، ڏاهپ وڪجي، خيال وڪجن، رشتا وڪجن، جسم وڪجن، روح وڪجن هٿ ڇا ڇا نٿو وڪجي؟“
گروجي فرمايو:”جڏهن ماڻهو گڏجي ڪنهنکي به وقت کان اڳ وڏو ماڻهو ٺاهيندا آهن تڏهن هو آپي مان نڪري ويندو آهي ۽ پوءِ سندن عمل وري عام ماڻهو کي ڏکوئيندا آهن.“
گروجي فرمايو:”رڳو عورت کي ئي پنهنجي عزت نه بڻايو پرپاڻ پنهنجي عزت بڻجو ۽ عورت جي عزت ڪريو.“
گروجي فرمايو:”جيڪي مسئلا عام ماڻهن جي پيٽ جا آهن اهي ئي وري خاص ماڻهن جي جيب جا.“
گروجي فرمايو:”صبر جي سُرڪ ٻين کي پيارڻ ته آسان آهي پر پاڻ پئي ڏسو ته خبر پوي اها هڪ سُرڪ تارون ٿي ساڙي، جگر ٿي ساڙي يا جسم جو رون رون ٿي ساڙي.“
گروجي فرمايو:”نڪ پڪڙي سگھندڙ ناڪيلي به سولائي سان هڻي سگھندو آهي.“
گروجي فرمايو:”ڪڙو زهر ته ماڻهو ٿُڪي به اڇلائي، مٺو زهر ماري ڇڏي.“
گروجي فرمايو:”هڪ ته هر ڪتي کي هڏي نه اڇلايو ٻيو جڏهن ڪتي کي اڇلائڻ لاءِ اوهان وٽ هڏي نه هجي، تڏهن ڪتي واري گھٽي ئي مٽائي ڇڏيو.“
گروجي فرمايو:”ننڍا رشتن جون سرحدون تڏهن اورانگھيندا آهن، جڏهن وڏا رشتن جو ڀرم ڀلجي ويندا آهن.“
گروجي فرمايو:”خاندان انهيکي چئبو آهي جنهن جي فردن جي چونڊ اوهان خود ٿا ڪريو.“
گروجي فرمايو:”رت جا رشتا هميشه وابستگيون ئي ظاهر ڪندا آهن، خاندان جا ظرف ۽ صفتون ڪڏهن به نه.“
گروجي فرمايو:”نڪ ۽ چپ جي وچم فاصلو ناھي پر عزت نڪ کي چئبو آھي چپ کي نه.“
گروجي فرمايو:”تضاد ترقي جو جُز ضرور آهي پر مُنڍ نه.“
گروجي فرمايو:”صبر تي جبر جي خبر ۾ صبر ناهي هوندو.“
گروجي فرمايو:”موقعا پرهه جي ڪرڻن جيئان هوندا آهن، ڪجهه پلڪن جي دير ڪرڻن کي شعاع بڻايو ڇڏي.“
گروجي فرمايو:”منهنجو“ سماج معاشيات تي مبني آهي جڏهن ته ”اسان جو سماج“ وري سماجي ٻنڌڻن تي.
گروجي فرمايو:”پاڇولن جي پيراندي ويهجي يا سيراندي، روشني رخ مٽايو ته پاڇولا پاڻ ئي ناهن رهندا.“
گروجي فرمايو:”پيٽ جي پيڙها جا ڪئي روپ آهن مداري، ڀولڙو، شينهن، ٻڪري، ٿنڀو ۽ لوسڻ سميت سڀ.“
گروجي فرمايو:”جن عمر ساري مٿي تي پٿر کنيا آهن، انهن جو پيٽ به پٿر آهي، پر جن رڳو پيٽ تي پٿر ٻڌا آهن انهنکي پيٽ پٿر ڪرڻ لاءَ پٿر سان مٿو ته هڻڻو پوندو.“
گروجي فرمايو:”رڳو شڪايتون ڪندڙ هميشه شڪايتن کان بچڻ خاطر به شڪايتون جاري رکندو آهي۔“
گروجي فرمايو:”ماڻهو هر اڻوڻندڙ صورتحال کي آهستي آهستي قبول ڪرڻ لڳندو آهي۔“
گروجي فرمايو:”ٻين تي پنهنجا اصول مڙهڻ بدران پنهنجي جوڙيل اصولن تي پاڻکي ئي هلڻ گهرجي۔“
گروجي فرمايو:”ملڪيتون ماڻهن کي ماڻهو نٿيون ٺاهين پر صرف پڌرا ڪن ٿيون.“
گروجي فرمايو: ”جڏهن ماڻهو وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ناهي هوندو تڏهن هو هر مشڪل ۽ رنڊڪ پار ڪري ويندو آهي.“
گروجي فرمايو: ”پاڻي جي گهرائي جي سراسري ماپ، تارون توڙي اڻتارون ٻوڙيو ڇڏي.“
گروجي فرمايو: ”هي اهڙو دور آهي جتي دوستن جا به قصيدا ته ڳائبا آهن پر منهن تي سچ يا سندن خامين کي بيان ناهي ڪبو پر دوست جي پرپٺ دنيا جون سموريون برايون نالي لکبيون آهن.“
گروجي فرمايو: ”زندگي جي لاهين چاڙهين جي ڪري ڪجهه واقعا انسان جي تحت الشعور ۾ رهجي وڃن ٿا جيڪي هيجان جو سبب بڻجي سندن ترقي ۾ رڪوٽ بڻجندا رهن ٿا.“
گروجي فرمايو: ”هرهڪ جي دل جو آواز اهو آهي ته ”آئون سالن کان اڪيلو آهيان انهي جو مطلب اهو ناهي ته منهنجي اردگرد ڪو ساهوارو ئي ناهي“.“
گروجي فرمايو: ”اوهانجون غلط بيانيون اوهانجي علم ۽ ڏاهپ لاءِ منفي ثابت ٿينديون آهن.“
گروجي فرمايو: ”ماڻھو جڏھن ابتو (اونڌو) سوچڻ لڳندو آھي تڏھن ھن کي باقي سموري دنيا ابتي (اونڌي) نظر ايندي آھي.“
گروجي فرمايو: ”پنھنجي سوچ جي جوڙيل پيچرن تي پاڻ ھلو دنيا کي ھلائڻ جو ڪوشش ڪندوُ ته، دنيا جون ھوائون پنھنجي سوچ سان، اوھانجا جوڙيل پيچرا به مٽائي ڇڏينديون.“
گروجي فرمايو: ”تجربن بنا مشاھدا ناھن ٿيندا.“
گروجي فرمايو: ”جڏھن رشتن کي مالياتي قدرن سان جوڙبو آھي تڏھن ماليات تور تڪ ڪري رشتن تي حاوي ٿي ٽوڙي ڇڏيندي آھي.“