Short Stories

Let Us Manage Your Websites in Order to Increase Your IncomeZameer-Ji-Adalat
An E-Book of Short Stories. 

Short Stories of Jamal and Kamal. Jamal and Kamal are discussing
the real facts of our society. Dear readers, please try to understand
the facts but don't make your decisions on assumption.
__________________________________________________________

دنيا جون ڳالهيون

تيرٿ جھانگي

 جمال ادا هاڻ ڪهڙو پيرڊ آهي؟

هاڻ دنيا جي ڳالهين جو پيرڊ آهي.

مطلب ته پڙهڻو ناهي هاڻ؟

اڙي ڪمال ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين، هي به ته پڙهڻ آهي، تو مٺي کان اڳتي ڪجهه ڏٺو به آهي ته دنيا ڪيئن ٿي هلي؟ ڪهڙو ملڪ ڪٿي آهي؟ ڪنهن ڪڏهن ڪنهن کي ماريو؟ جڏهن فلاڻي جنگ لڳي تڏهن هتي ڇا ٿيو، هُتي ڇا ٿيو؟ پنهنجي ڌرتي پنهنجي به آهي يا نه؟ پاڻ ڇو پيا پڙهون؟ پڙهڻ ڪيئن گھرجي؟

بس بس بس ڪر جمال ..!!!

هيترا سارا سوال هڪ ساهي هڻي ويو آهين، ڇا انهن مان ڪو هڪ سوال به پنهنجي پيپر ۾ ايندو؟ ڇا اهي پنهنجي ڪورس جون ڳالهيون آهن؟ ڇا پاڻ کي ڪو انهن دنيا جي ڳالهين تي ڪو پاس ڪندو؟

جمال ادا سوال آئون به سترنهن ڪري ٿو سگھان پر، منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته امتحان مٿي تي آهن پاڻ ڪورس جا صرف ٻه سبق پڙهيا آهن، پيپر ڪيئن پاس ڪنداسين؟

تون ته بس انهي رينگٽ ۾ لڳو پيو آهين ته پيپر ڪيئن پاس ڪنداسين، اها عقل آهي ته پيپر ڏسندو ڪير؟

جمال ۽ ڪمال جي سوالن جو سلسلو تٽي ٿو پوي ، جڏهن سائين هڪ ٻولي جو سجبيڪٽ پڙهائڻ بدران اها ڳالهه شروع ٿو ڪري ته جڏهن ٻئي مهاڀاري لڙائي لڳي تڏهن......

ڪمال چيو ته ٻڌ جمال هاڻ ”دنيا جون ڳالهيون“، اهي توکي ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان بڻائي سگھن يا نه پر هڪ مقرر سٺو ٺاهي ڇڏينديون، پيو تقريرون ڪجان.

ٻار غير سياسي هوندا آهن .....!!!

تيرٿ جھانگي

 اڄ ٻڌو ته پرائيم منسٽر ليپٽاب
پروگرام موجب سمورن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اسٽوڊنٽس کي ليپٽاپ ڏنا پيا وڃن انهي لاءِ ايڇ اي سي جي ويب تي پنهنجو پروفائيل مڪمل ڪري اپلوڊ ڪريو
.
شام ويل گھر ڀاشا جھانگي (منهنجي ڌيءَ) کي چيم ته ڪجهه ٽائيم لاءِ ليپٽاپ مونکي ڏي ته مونکي پنهنجو پروفائيل اپلوڊ ڪرڻو آهي ، هاڻ وزير اعظم محمد نواز شريف اسان کي ليپٽاپ ڏي ٿو پوءِ آئون اوهان کان ليپٽاپ ڪونه گھرندس.

ڇوڪري چيو سڄو ڏينهن ٿا عمران خان جون تقريرون ٻڌو، جيڪو هروڀرو پيو ملڪ جي وزيرن کي برو ڀلو ڳالهائي ۽ هاڻ وري ليپٽاپ نواز شريف کان ڪيئن ٿا وٺو؟ چيم پٽ اهو ملڪ جو هڪ ٻرندڙ اشيو آهي، ڪرنٽ افئرس کان واقف رهڻ لاءِ عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري کي به ٻڌڻ اوترو ئي ضروري آهي جيترو ملڪ جي وزيرن جون پريس ڪانفرنسون ٻڌڻ ضروري آهن.

ايتري ۾ جينس جھانگي (منهنجو پٽ) وچان اچي پيو ته : بابا جيڪڏهن نواز شريف ليپٽاپ ٿو ڏي ته هن جي پاسي ٿا ٿيو ۽ وري جيڪڏهن بلاول ڀٽو اوهان کي بنگلو ٺهرائي ڏي ته پوءِ ڇا وري هن جي پاسي ٿيندوُ ؟
مون به مذاق جي موڊ ۾ چئي ڏنو ته ها بابا ؟ وري چيائين اڇا ته پوءِ وري جيڪڏهن ڊاڪٽر طاهر القادري نئين گاڏي وٺي ڏي ته پوءِ وري ڦري هن جي پاسي ٿيندوُ؟ انهي جي ڪري ئي ته عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري جي ڌرڻي ۾ ايترن سارن ڏينهن کان ماڻهو ويٺا آهن. انهن کي سامان ملي پيو گھر وڃي ڇا ڪن
.

مون چيو ڇڏيو واندين ڳالهين کي ڪتاب کوليو ۽ هوم ورڪ مڪمل ڪريو. ٻنهي چيو ها بابا اسان هوم ورڪ ٿا ڪريون.

 آئون سوچيندو رهيس تهٻار ته غير سياسي هوندا آهن

وانجهه

تيرٿ جھانگي

 جمال سوچي رهيو هو ته اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، انهي جا ڪجهه ٻنڌڻ اهڙا آهن، جيڪي نه چاهيندي به ٽوڙي نٿا سگھجن ۽ نه چاهيندي به انهن تي عمل ڪرڻو ٿو پوي. هتي جڏهن ڪا عورت شادي بعد ٽي چار سالن تائين گرڀونتي نٿي ٿئي ته انهي جوڙي تي ڳالهيون شروع ٿي ٿيون وڃن ۽ وري جيڪڏهن 10 سالن تائين جھولي خالي ٿي رهي ٻار نٿو ٿئي ته پوءِ کين وانجهه چئبو آهي، کين مهيڻا ملندا آهن، سندن وٿڻ ويهڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ، اوڙي پاڙي وارا منهن ڏسڻ کي به اپسوڻ سمجھندا آهن. عجيب قسم جون ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون آهن ۽ اهي سموريون ڳالهيون، مهڻا، تعنا تنڪا، وانجهه جا لقب مرد کي به ٻڌڻا پوندا آهن، پر وري به مرد جي لاءِ هڪڙي واٽ اها آهي ته انهي کي ٻيهر پرڻايو ويندو آهي.

ڪمال پڇيو جمال کنڊ جو جهاز ٻڏو آهي ڇا؟ ڇو پريشان آهين؟

جمال سموري وارتا ڪري ٻڌائي ته ڪمال چيو پوءِ تون ڇو سوچن ۾ گم آهين؟ اهو سموري سماج جو مسئلو آهي.!!

 نه ته تون اهو بدلائي ٿو سگھين نه وري سموري سماج کي روڪي ٿو سگھين.

جمال چيو ته آئون به انهي سماج جو حصو آهيان انڪري سوچيان پيو ته جڏهن اسانجو سماج انهي عورت کي وانجهه ٿو چوي جيڪو 10، 15 سالن تائين ٻار نٿي پيدا ڪري سگھي ته پوءِ اهي نظريا جن ۾  پنجويهه، ٽيهه سالن ۽ ڪن ۾ ته وري ڪئي سالن تائين  ڪو گل ناهي ڦٽو،

 ته پوءِ انهن مان ميوي جي ڪهڙي اميد رکجي؟؟؟؟؟؟

ڇا انهن جو منهن ڏسڻ به اپسوڻ آهي...!!!!

ڇا انهن کي به وري پرڻي جي ضرورت آهي..!!!!

يا وري ،

اهي به وانجهه آهن.......!!!!!!