ارپنا

سماجي جاڳرتا

جي پنڌ جي پانڌي،

 سمورن تبديلي جي محرڪن جي نانءُ

 

ٿرپارڪر ۽ لوڪ ڏاهپ

ٿرپارڪر لوڪ ڏاهپ جو خزانو مڃيو وڃي ٿو. هتي سئوڻن ساٺن ۽ ريتن رسمن کي تمام گھڻي اهميت حاصل آهي. هتي ٿرپارڪر ۾ هر وک وک تي سئوڻن ۽ ساٺن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي پر هتي پاڻ صرف اهي سئوڻ اهي  لوڪ سائنس جا تجربا جيڪي ٿرپارڪر جي زرعي شرستي سان لاڳاپيل آهن انهن جي ئي اُپٽار ڪنداسين.

اسو مهيني ۾ ديوالي ملهائي ويندي آهي ۽ ديوالي جي ٻئي ڏينهن جنهن کي ٻلي راجا جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي ۽ انهي ڏينهن جيڪڏهن ماڪ پوي ٿي ته پڪ سمجھي ويندي آهي ته ڏڪار ڪونه ٿيندو ۽ جي ماڪ نٿي پوي ته ڏڪار جا پڪي علامت سمجھي ويندي  آهي. هتان کان ئي  هاري سئوڻن جي آڌار تي سال جي حال جي اڳڪٿي ڪرڻ شروع ڪن ٿا. اڄ جي سائنسي دور ۾ اهي اڳڪٿيون صرف هوائي ڳالهيون ناهن، اڄ جتي اسان سائنسي اوزارن جي مدد سان موسمن جا احوال ڄاڻون ٿا اتي ٿر جا اهي ماڻهو جيڪو سائنس جي سين کان به واقف ناهن اهي اسان جي سائنسي اعلانن کان اڳ ۾ ئي پنهنجي دعوى ڪندا آهن ته هن سال هي ٿيندو هو ٿيندو. اڄ محسوس ٿئي ٿو ته اهي لکين مٿون سڀ صرف مٿون ناهن تمام گھڻيون اهڙيون به حقيقتون آهن جن کان انڪار ڪري ئي نٿو سگھجي ڇو ته اهي صدين جي تجربن مان ثابت ٿيل آهن ۽ انهي ڪري ئي اڄ انهي لوڪ ڏاهپ کي لوڪ سائنس چيو پيو وڃي.

 

Total Page Visits: 1095 - Today Page Visits: 1

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here