جمعون جنجھي (2009)

وڪڙيو سان وابسطه ڪهاڻي

هي 1860ع ڌاري جي ڳالهه آهي جڏهن هتي وارڪڙي ترائي جي ڪپ تي هرڻن جي ٽولن جي من لڀائيندڙ ڇالن ۽ فطرت جي سڀني دلفريب نظارن سان ڀرپور سرسبز ۽ ساداب واديءَ ، جتي چون ٿا ته اُٺ جو ٿوهو نه ڏسجي ايترا گھاٽا وڻ هوندا هئا. اهڙي روح کي راحت ڏيندڙ جاءِ جنت برابر محسوس ٿئي، اتي اچي رهڻ يا ڳوٺ اڏڻ جي ڳالهه ۾ ڪنهن ڪوڙ جو وهم رهي ئي نٿو

چون ٿا ته وڪڙيو ڳوٺ اڏجڻ کان اڳ هن جي ڀر وارن ڳوٺن مان اوڀر طرف صرف تارياڻو ۽ اولهه واري طرف کان ڪونڀاريو ڳوٺ موجود هئا. جيئن ته وقت جي وهڪري سان گڏوگڏ ماڻهن جي ترجيحات ۾ به وڏيون وڏيون تبديليون اينديون رهن ٿيون ۽ اڄ جتي انسان جو روح خلا ۾ گھر اڏڻ جا سانڀئا پيو ڪري اتي ماڻهن جو شوق روح جي راحت هوندو هُيو ، بانسري ۽ بوڙيندا سندس هر پل جا ساٿي هوندا هئا.

اهڙو ئي هڪ باذوق انسان وسايو جيڪو نبيسر ٿر ۾ رهندو هو ۽ هنکي بينو وڄائڻ جو شوق هوندو هو. هڪ ڏينهن وسايو سندس مامي جي اوطاق تي بينو وڄائي رهيو هو ته پاڙي جي هڪ پوڙهي مائي جنهن اچي تانو ڏنو ته ڇو اچي ننڊ ڦٽائي آهي اهڙو ئي شوقين آهين ته پنهنجو ڳوٺ اڏي اُتي وڃي وڄاءِ انهي تاني هن کي جھوري وڌو ۽ صبح ٿيندي ئي ورانو ٿيو ۽ اچي ڪونڀاريو مان نڪتو. تنهن وقت اڄ واري هڻ هڻان ڪونه هوندي هئي ۽ تڏي آيل خالي ڪونه ويندو هو سو هن به پنهنجي اچڻ جو مقصد واضع ڪري ٻڌايو ڳوٺاڻن وعدو ڪيو ته وسايو جي وسندي ضرور اڏبي. اتان اُٺ چڙهي نڪتو جھر جھنگ ڏسندو اچي وراڪڙي ترائي تي پهتو اها جاءِ هن جي روح کي وڻي ويئي اتي کوهه جو ٺپو هڻي رهي پيو ۽ وعدي مطابق ڪونڀاريو کان پاڻي ايندو رهيو جيستائين کوهه پاڻي ڏنو. چون ٿا ته هن وقت کوهه جي کوٽائي جي اجازت ڪڇ ڀُڄ مان وٺڻي پوندي هئي.مگر هن بنا اجازت جي کوهه ته کڻائي ڇڏيو پوءِ جڏهن وقت جي بادشاهه کي خبر ملي تڏهن ڪاوڙجي آيو مگر وسايو جي ڳالهه ٻُڌي معاف ڪري هليو ويو. وسايو پنهنجو ڳوٺ وسائڻ ۽ وڌائڻ خاطر پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي وراڪڙي ڪناري وڪڙيو ۾ گھر اڏڻ لاءِ چوندو رهيو. ڪيترن ئي ماڻهن سڏ ورنايو ۽ پنهنجا پکا وڪڙيو ۾ اچي اڏيا. ڪن کاهوڙ مان ته ڪن جيسلمير مان ڪن ڪڇ مان ته ڪن ٻاڙمير مان اچي وٿاڻ وسايا ۽ ڪل 32 ذاتيون اچي گڏيون.هن وقت مال جي پڙي گجرات هوندي هئي وسايو مال ڪاهي گجرات ڏانهن هليو ويو هو هي احمدآباد ۾ هو ۽ پويان سندس پٽ ڄائو ، هي هن جو پهريون پٽ جو اولاد هو اڳ۾ صرف ڌيئرون هيون. مڱڻهار ڪجھه ملڻ جي آسري تي مبارڪ ڏيڻ احمدآباد وڃي نڪتو ۽ وڃي پٽ ڄمڻ جي مبارڪ ڏنائين هن تي هن چيو ته پٽ ته پيا ڄمندا مون سمجھيو ته تون اها مبارڪ ڏيڻ آيو آهين ته پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪنهن سانگي اچي پنهنجا پکا اڏيا آهن. اهڙا ته ڪئي هن جا مثال ڏنا وڃن ٿا.

هن وقت انگريز جو راڄ هو ، هن پنهنجي ٽن اُٺن کي چانديءَ جي نيئر هنيا جيڪا ڳالهه وقت جي راجا کي ڪونه وڻي هو ڪاوڙجي اچي وڪڙيو پهتو ۽ وسايو سان مليو وسايو هنن جي ڏاڍي خاطرداري ڪئي ۽ چيو ته مون ته انهيءَ لاءِ چاندي جي نيئر هنيا آهن ته اوهان جي ساراهه هر دور ۾ هلندي رهي ته هن راجا جي دور ۾ اُٺن کي چاندي جي نيئر لڳا پيا هوندا هئا مجال آهي جو ڪير هٿ به ڏي چوري ته پري جي ڳالهه آهي اها ساراهه هن کي به وڻي ويئي ۽ خوش ٿي واپس وريو. انهي وڪڙيو کي اڄ خبر ناهي ڪنهن ويري جي نظر لڳي آهي جو نوان پکا اڏڻ ته پري رهيا پراڻن جي به رک ۽ پرک ناهي رهي. توڙي جو تڏهن ڪوبه بنيادي سهولت سرڪاري طور تي مهيا ٿيل ڪونه هئي پوءِ به امن جا ڳيرا ڪٿان ڪٿان اچي آکيرا اڏيندا هئا، اڃان هاڻي جي ڳالهه آهي ته مٺو جنجھي جي ٻڪرين جي ولر سان ڪئي هرڻ وٿاڻ هليا ايندا هئا ۽ هاڻي ته هرڻن کي وڪڙيو جو واءُ ئي نٿو سهي. هاڻ اها حب ناهي رهي ۽ وڪڙيو جي سڃاڻپ اها ناهي رهي پوءِ پڻ ٿر جو گھڻ ذاتيتو ڳوٺ وڪڙيو وڏن ڳوٺن جي لسٽ ۾ ليکيو وڃي ٿو اڄ اهو وڪڙيو وسايو جي نالي سان نه مگر ڪنهن شاعر ، ڪنهن سگھڙ ، ڪنهن لطيف جي پارکو ۽ ڪنهن سياست جي صاحب پويان سڃاتو وڃي ٿو.

اڄ تائين ڪيترن ئي سانگين پنهنجا پراڻا پڊ خالي ڪيا آهن پوءِ به وڪڙيو ۾ هن وقت 32 ذاتيون 31 پاڙن ۾ رهن ٿيون جن جي جملي آبادي 9860 آهي . ڳوٺ ۾ ڪل 35 کوهه ، 4 ٽيوب ويل ، 28 دڪان ، بنيادي صحت مرڪز، مڊل اسڪول ، 7 پرائمري اسڪول ، 7 مسجدون ، 4 مندر ، 3 اٽي پيهڻ جون چڪيون ، بجلي ۽ فون جي سهولت ۽ ڪل 5 گاڏيون آهن. جڏهن ته 7314 ڍڳيون ، 14870 ٻڪروين ۽ رڍون ، 7 مينهون ، 422 اُٺ ۽ 1162 گڏهه پڻ آهن پڪي روڊ جو ڪم هلندڙ آهي ۽ هتي جي آبادي جو 40 سيڪڙو پڙهيل ۽ 60 سيڪڙو اڻپڙهيل آهي.

وڪڙيو ۾ هونئن ته پنج کن سي سي بيز رجسٽرڊ ٿيل آهن مگر پي وي ڊي جي سهڪار سان رجسٽرڊ ٿيل ٽي سي سي بيز آهن 1. پريت نگر سي سي بي 2. ساگر سي سي بي 3. ڀٽائي سي سي بي

Total Page Visits: 47 - Today Page Visits: 6