هلو ته هلون ڪورئين ، جتي گھڙجي نينهن
ڳنڍين سارو ڏينهن ، ڇنڻ مور نه سکيا

تيرٿ جھانگي

دُنيا جي هر مُلڪ ۽ خطي کي پنهنجي منفرد ثقافت آهي ۽ اها ئي ثقافت انهي خطي جي سُڃاڻپ پڻ آهي تيئن ئي سنڌ جي صدين جي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته سنڌ جو خِطو قديم تهذيب ۽ ثقافت سان مالامال رهندو آيو آهي ۽ دُنيا جي شاهوڪار ترين تهذيبن ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو مان مٿانهون رهيو آهي.
سنڌ ڌرتيءِ جو حصو ٿرپارڪر جيڪو جيترو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي اوتروئي وري هنر، ڏاهپ ۽ ثقافت جي رنگن ۾ شاهوڪار آهي پوءِ به هميشه کان غربت، ڏڪار، اڻهوند، پاڻي جي کوٽ ۽ لڏپلاڻ علائقي جي سڃاڻپ رهي آهي.
ٿرپارڪر جا ماڻهو ڏاڍا محنتي ۽ هوشيار آهن ۽ هتي جي رهواسين جي هٿن ۾ قدرت واري اهڙي ڪاريگري سمائي آهي جو جنهن ڪم ۾ به هٿ وجھن تنهن کي سون ڪريو ڇڏين. ڏاتار اهڙي ڏات ونڊڻ مهل عورت ۽ مرد جو متڀيد ناهي رکيو انڪري جيتري قدر مرد هنرمند آهن، اتي عورتن جو ڪم به مُلڪان مشهور آهن جيڪي اڻپورين سهوليتن، گهرو مسئلن، بک بدحالي ۽ ڏڪاري حالتن جي باوجود هٿرادو هنر ۾ پنهنجو وڏو نالو ڪمايو آهي. اڄ ٿر جي عورت ٺاهيل چولا، چادرون، رليون، سڳيون، وهاڻا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون جيڪي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهن.

هٿ جو هنر مان مراد اهو آهي ته اهو شيءِ جيڪو هٿن جي استعمال سان ٺهي راس ٿي هجي. هٿ جي هنر کي وري ڌاڳي (ڀرت)، ڏاس، اُن، رسي، چمڙي، ڪاٺي، مٽي وغيره جي ڪمن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.

ڏاس جو ڪم: ٻڪرين جي ڏاس کي (جسم جا وار) کي سٽي سنواري، ڪتي ڌاڳو ٺاهجي ٿو ۽ انهي ڌاڳي کي اُڻڪر پنهنجي ڏاهپ سان اُڻي ٿو ۽ جيروئي، کرڙ، جالنگ ٻورا، چونڪ ٻورا ۽ ٻيون شيون ٺاهي ٿو، جڏهن ته انهي ڏاس جي ڌاڳي کي وٽ ڏيئي رسيون به تيار ڪيون وينديون آهن جن مان اُٺن جي مهار، ڳانيون پڻ ٺهن ۽ اهي رسيون جانور ٻڌڻ کان وٺي مختلف جھنگ ۽ ٻني ٻاري جي ڪم اچن ٿيون. توڙي جو اهو ڪم گھٽجي رهيو آهي پر ٻهراڙين ۾ اڄ به انهي ڪم کي وڏي اهميت حاصل آهي.

ڌاڳي (ڀرت): ڌاڳي ۽ ڀرت جي ڪم وقت سان گڏ تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي، سلائي۽ ڪڙهائي جا نت نوان اوزار ۽ مشينون ايجاد ٿي ويون آهن پر ٿري عورتن جي هٿن سان ٺاهيل ڪپڙن سان ڪوبه ميچ نه ٿو ڪري سگهي. سُئي کانسوءِ ٻيو ڪوبه اوزار استعمال نه ڪندڙ سگھڙ عورتون صدين کان جاري رهندڙ هنر کي زندهه رکنديون پيون اچن ۽ سندن سونن هٿن ۾ اڄ به اهائي خوبصورتي ۽ صفائي آهي، جيڪا هميشه کان رهندي آئي آهي.
جيئن ته خاص ڪري عورتون پنهنجي ڏينهن رات جي مصروفيتن مان ڪجھ وقت ڪڍي هٿ جو هُنر ڪنديون آهن.
جنهن ۾ مُختلف قسمن جا ڀرت ۽ رِليون ٺاهڻ سرفهرست آهن. اِهو ڀرت ۽ رليون نه رڳو پنهنجي پهرڻ طور استعمال ٿئي ٿو پر اهو نياڻي جي ڏاج جو پڻ حصو آهي.

ٿر ۾ ٽُڪ جو ڀرت به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، اهو صرف ٿر ۾ نظرايندو آهي. ٻهراڙين ۾ گھڻي ڀاڱي عورتون اڃان تائين هٿ جو ڀرت استعمال ڪري رهيون آهن. حقيقت ۾ اها انهن جي هٿ جي هنر سان سچائي آهي، نه ته انتهائي محنت طلب هي ڪم آڳاٽو ختم ٿي چڪو هجي ها، جڳن کان ٿري عورتون گھرن ۾ سُئي ڌاڳي جو ڪم ڪنديون آيون آهن، جن ۾ گھڻي قدر شوق جو عنصر نمايان هوندو هو.

شادي مرادي، مڱڻي ۽ عيد برات تي هٿن سان ٺاهيل ڪپڙا، ڪنجري، جھٻا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي هٿ جي هنر سان ٺهيل شيون هڪ ٻئي کي تحفي طور ڏينديون آهن، پر هاڻي انهي شوق جي جاءِ معاشي مسئلن والاري ورتي آهي. اڄ جي عام ڳوٺاڻي يا شهري عورت سُئي ڌاڳي جو ڪم پنهنجي گھر جي معاشي مسئلن ۾ پنهنجو حصو ملائڻ لاءِ ڪري ٿي. پوءِ اهو ڪم سلائي جو هجي، رليون ٺاهڻ يا ڀرت ڀرڻ جو هجي. شهرن ۾ روز نت نوان فيشن ۽ ڊزائينون اچڻ بعد هٿ جي ڀريل ڀرت جو رواج ڏينهون ڏينهن گھٽجندو وڃي ٿو.

هٿ جي هنر سان ٺهندڙ ڪجهه سامان

”ساڙِهيون، پوتيون، اوڍڻ، بوڇڻيون، ملير ، ڪنجريون، ڪنجرا، گج، پيٽيون، گھگها، چولا، چوليون، ٽوپيون، رومال، موڙ، اکيا، اگوڇڻيون، ڳوٿريون، ڳوٿرا، بجڪا، نوار، جھلون، گاسيا، وڃيڻيون، سينهوڙا، ميزپوشون وغيره شامل آهن.
هٿ جي ڀرت جا ڪجهه قسم
جيڪڏهن ڳڻيا وڃن ته تمام گھڻا ٽانڪا آهن جن کي پنهنجا پنهنجا نالا آهن پر جيڪي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيا ٿا وڃن ۽ پهريا ٿا وڃن اُهي هي آهن .

  • سنڌي ٽانڪو (هُرمچي)
  • پڪو
  • ڪچو
  • شيشو يا ٽڪ جڙائي
  • موتي ٽانڪو
  • زري
  • آر
  • خارڪ
  • زنجير

هي اهي ڀرت آهن جيڪي خاص طور تي پشم، ڪشميرو، مُڪو ۽ سي ٽي سي وغيره سان ڀريا وڃن ٿا
اڳي جتي ريشم جو استعمال ٿيندو هو انهي جي جاءِ پشم، سي ٽي سي والاري ورتي آهي مگر اڄ به انهي ٽنڪي ۾ ڦير ناهي آيو.

ڀرت جو ڪم ۽ رنگن جو استعال

تحقيق ٻڌائي ٿي ته ماڻهو جي حالتن پٽاندر سندن رنگ حاوي هوندا آهن ۽ ائين ئي ٿر جون عورتون رنگين خيالن جون مالڪ هوندي به سندن زنديون رنگين ناهن انڪري سندن خيالن جا رنگ رلين، گجن ۽ ٻجھڪن تي ٽانڪين ٿيون، اهي رنگ توڙي جو اکين کي چنڀندڙ هوندا آهن پر وري ڏاڍا موهيندڙ هوندا آهن.

مختلف ڊيزائن جيڪي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ هنر جو فن پڙهيل ذهن تيار ڪري ناهن سگھيا پر ٿر جي عورت جي ڪپڙي جي ننڍڙين ننڍڙين ٽڪرين مان ڪوري ٺاهيل ڊزائين هنن کي موهي وڌو ۽ اهي اهو ڪاپي ڪرڻ تي مجبور ٿيا. انهي ۾ اِهي رنگ ائي آهن جيڪي هٿ جي هنري سامان جي مڃتا ۽ ساراهه جو ڪارڻ بڻيا آهن.
جتي هن هنر هيڏي وڏي مڃتا ماڻي آهي اُتي اها مارڪيٽ پيدا ناهي ٿي سگھي ان جا ڪارڻ وري به رنگ ئي رهيا آهن.
جيئن ته پهرين بيان ڪيو ته هتان جي عورت پنهنجي خيالن جا رنگ جڙي ٿي ۽ پر ڪنهن به شيءَ جي مارڪيٽ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن خريدار جي خيالن جا رنگ شامل ڪيا وڃن. رنگن جي جوڙجڪ ۽ ان جو استعمال به هڪ فن آهي جنهن سان سامان خريد ڪرڻ واري کي نفسياتي طور مائل ڪري سگهجي ٿو. رنگن جي علم ۾ بنيادي رنگ آهن ئي ٽي ڳاڙهو، پيلو ۽ بليو باقي سڀ رنگ ٻن يا ٽن رنگن کا ملائي ٺاهيا ويا آهن پر ڀر ت جي ڪم ۾ وري بُنيادي طور تي پنجن رنگن جھڙوڪ ڳاڙهو،سائو،ڪارو،اڇو ۽ هيڊو جي استعمال کي ضروري سمجھيو ويندو آهي ڇو ته اِنهن رنگن کانسواءِ ڀرت ڪم نکري سگھي ئي نٿو. هر ڊزائين ۾ هلڪا ۽ تيز رنگ ملائڻ سان اُن ڊزائين جو ڏيک خوبصورت ڏسڻ ۾ ايندو آهي. جھڙوڪ ڳاڙهي سان اڇو،نيري سان هيڊو،سائي سان گُلابي، ڪاري سان اڇو.
ان ۾ مُختلف رنگن جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ٺهيل ڊزائين وڌيڪ موهيندڙ ٿئي ۽ مارڪيٽ ۾ سُٺي اگھ تي وڪرو ٿئي.
ڀرت ڀرڻ واري مرحلي ۾ هيٺين احتياطي توڙي حظاظتي تدبيرن تي عمل ضروري آهي.

  • بهترين ۽ پائدار ڪپڙي جي چونڊ ڪجي ته جيئن ڀرت ۾ صفائي ٿئي
  • ضرورت مطابق ڌاڳو کڻجي جنهن مان ڀرت پورو ٿئي
  • مناسب رنگن جي چونڊ ۽ ان جو صحيح استعمال ڪجي ته جيئن ڀرت پُرڪشش نظر اچي
  • سُئي اهڙي طريقي سان جھلجھي جو سُئي هٿ ۾ نه لڳي،
  • ٻارن کي سئي ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ تيز اوزارن کان پري رکجي
  • ڊزائن جي اڳواٽ پلان ڪجي ۽ ان مطابق ٺاهجي
  • بُنيادي ۽ مُکيه رنگ،رنگن جو پاڻ ۾ ملائڻ ۽ ڀيٽ ڪرڻ

هنري سامان جي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ پيش ايندڙ مسئلا ۽ مشڪلاتون

  • رابطاڪاري جي اڻاٺ.
  • وقتائتي سامان جي تياري ۽ مارڪيٽ سان ڳانڍاپو.
  • مناسب رنڱن جو صحيح استعمال نه ٿيڻ.
  • مارڪيٽ ۾ گهرج مطابق ڊزائين ۽ رنگن جو نه هُجڻ.
  • مُناسب اگهه جو نه ملڻ.

آخر ۾ آئون انهي پليٽفارم کي هم موقعو سمجھندي اها ڳالهه ڪندس ته هنري ڪم هڪ وڏو محنت طلب ڪم آهي جنهن ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ٿو تنهن لاءِ انهي کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي.

جيئن ته ڪاپي ڪلچر عام ٿي ويو آهي هر شيءِ جي ڪاپي بنا ڪنهن پڇڻ ۽ سمجھڻ جي ڪئي ٿي وڃي. ٿر جي رلين کي ڊزائين کي چوري ڪري مشيني رلي تيار ڪري هٿ جي برت جي محنت تي پاڻي ڦيريو ويو آهي انهي کي روڪڻ لاءِ ٿر جي عورتن جي محنت ۽ ڀرت جي قسم کي برانڊ طور تسليم ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻجن.

Total Page Visits: 180 - Today Page Visits: 5