سيد ڏنل شاهه راز

پهنوارن پاٻوهيو ، وريا واهوندا
سارام سيڻ سيد چئي ، گاڏيلُيون گُندا
ڀٽن ڀر هوندا ، ڀنگا ڀڙ ڀتارن جا !
شاهه

ساڻيهه ۾ سانوڻ جو سايو آهي، وڏڦڙي وسي وسي ويساندي ڏني آهي ، ڇاڇرو ، مٺي ، ڀالوا ۽ ڀوڏيسر ڀڄاءَ ڪارونجھر تان ٿي ڪڇ ڀُڄ ڏانهن هليو ويو آهي. اُٺي جي ٿڌڙي هير اُلهندي کان اچي پئي ، هرا جي هن تازي جھوٽي کي “واهوندو وريو آهي” چوندا آهن . ڪارونجھر جي ڪور تان مور اُڏامي ڀوڏيسر جي تلاءُ تا پاڻي پيو پيئي ،هڪ ٻڪراڙ ڀٽ تي ويهي بانسري پيو وڄائي ، ڀٽ تي سندس چاپايو مال پيو چري ، ڦوڳن ڦوڳي جھلي آهي ، روهيڙن رتا گل ٿر تي انڊلٺي رنگن جي ورکا لاهيو ويٺا آهن. پُسي ۽ پيرون پنهنجي وطن ۾ رنگبرنگي ڏاکاءُ ڏين ٿا. وهين ، بڙن ، ڳيرن ۽ ٻاٻيهن کٻڙن ۽ ڄارين ۾ پنهنجون پينگھون ٻڌيون آهن. لنب ڌرتيءَ تي سبز مخملي ميناڪاريءَ جو فرش وڇائي ڇڏيو آهي . ٻاٻيها ۽ تاڙا جھر جھنگ ۽ وانگين کي واڌايون پيا ڏين . ڪنڊين جي ڪڻڪن ۽ ڇيرن جي ڇڻڪار تي فطرت رقص ڪري رهي آهي . انهي خوبصورت منظر جو تصور مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ آڻي ٿي . مارئي جنهن جي پنهنجي مٽيءَ سان بي انتها محبت هئي ، سندس زندگي حب الوطني جي چٽي تصوير ۽ وطن پرستيءَ جو آئينو ۽ اُهڃاڻ آهي . مارئي جھڙو امر ڪردار دنيا ۾ ملڻ نه رڳو مشڪل پر ناممڪن پڻ آهي . مارئي جنهنن عمر جي عاليشان بنگلن جي ڀيٽ ۾ ٿر جي ڪکائن ڀونگن کي ترجيح ڏني ! جنهن پلنگن ۽ پٿراڻين جي ڀيت ۾ واريءَ جي وڇاڻي کي ترجيح ڏني ! جنهن ست رڇن طعامن جي ڀيٽ ۾ ڏونرن ۽ ڏُٿ کي ترجيح ڏني ! جنهن بخمل ۽ بافتن جي ڀيٽ ۾ جھنگ جي ولين کي ترجيح ڏني .

ورسي وطن ڄايون ، صحرا سَرجن
گولاڙا ۽ گگريون ، اوڇڻ اناڻن
ويڙهيا گھمن وليئين ، جھانگي منجھه جھنگن
مونکي ماروئڙن . سُڃ ڳڻائي سيج ۾
مارئي جو حب الوطنيءَ جو اهم اصول ۽ انمول خزانو آهي . هي حب الوطنيءَ جو اڻ کٽ سرچشمو آهي
ٿرڄائي مارئي جو ڪردار هڪ اهڙو روشن چراغ آهي جنهن جي نوراني روشني ذريعي هڪ گمراهه انسان ۽ انجو ڀٽڪيل روح اونڌاين ۽ تاريڪ راهن ماجھان نهايت ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان مٽيءَ جي مُٺ کي منعى بخشي ٿو ۽ سرکي جھڪاءِ مٽي ماءُ جي مقدس قدمن کي چمي ، دل جي ڪنهن پراسرار گوشي ۾ ڌرتيءَ جو ڌنڌلو عڪس پسي ، پنهنجو پاڻ کان پڇي ٿو ، “الءَ ڇو متي ۽ ماءُ محترم ۽ مقدس آهن” . ڇا مٽي انهي ڪري مقدس آهي جو ماءُ کان پوءَ مٽي ئي پنهنجي جيءَ ۾ هميشه لاءِ جاءِ ڏي ٿي. پوءِ ڇو ڪي بي واها ۽ وحشي انسان پنهنجي مٽي ۽ ماڳ ڇڏي ٻئي هنڌ هليا ويندا آهن. پيٽ جي بک اُجھاءِ ۽ رنگ جي اڳڙي حاصل ڪري ويهي رهندا آهن ته کين وري وطن يادئي نه ايندو آهي مگر هن ٿرياڻيءَ اهڙن احمقن ۽ غدارن کي صاف لفظن ۾ چيائين ته ،

ڇلي ڇڏ م َ ڇپرين ، ڏلي ڇڏ م َ ڏيهه
پسي وڻ وطن جا ، وڙڪيو اچي ويهه
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري

دنيا جي هن عظيم ، عجيب ۽ خوبصورت خطي ٿي کي اها سعادت حاصل آهي جو مارئي جهڙي پاڪ دامن عورت هتي پيدا ٿي. جنهن لوڀ ۽ لالچ تي هرکڻ بجاءِ ٿر جي لوئي جي لڄ سلامت رکي ، جنهن پٽ راڻي ٿي عمر سومري کي ور ڪرڻ بجاءِ “کٿروئي خوب ۽ ميرو ئي محبوب ” جي هام هنئي ! جنهن سونهن ، سچ ۽ سُڳنڌ کي ٽڪو به لڳڻ ڪونه ڏنو.جنهن سنڌ جو غيرت جي حوالي سان دنيا ۾ مان مٿانهون ڪيو. جنهن ٿر واسين کي مان ۽ مرتبو بخشيو ، عزت ، نفس ۽ وقار قائم رکيو. جنهن خودداري ۽ ضمير کي زندهه رکي ٿر واسين بلڪه سنڌ واسين جو اقوام عالم ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو .
دنيا ۾ ڪير هئي ۽ اڃان به ڪير آهي جنهن بادشاهت کي ٿڏي مارئي وانگي وطن لاءِ واجھايو هجي !؟ هن عظيم عورت جي هانءُ ۾ ايتري حب الوطني ۽ همت هئي جو ظالم جي زور ۽ زبردستي، ظلم و تشدد کي للڪاريندي رهي پر پنهوارن جي پچار ڪونه ڇڏيائين
جي لوڻ سگي لاهين ، چيري چيري چم
مون ڪر اڳي نه ڪيو ، اهڙو ڪوجھو ڪم
جان جان دعوى دم ، تان تان پريت پنهوارن سين

اسان غداريءَ جا به ليڪا لتاڙي، بين القوامي غدارن جي لسٽ ۾ نانءُ لکائي چڪا آهيون. اسان وطن جي حب جي دعوى ۾ دنيا کي مان ڏيئي چڪا آهيون . اسان حب الوطنيءَ جا ليبل لڳائي ديس جي ديوار جي تر جي سر ڪڍون ٿا پوءِ به اسانکي ڪجھه ڪونه چيو وڃي ٿو ۽ اسانکي ان غداريءَ جي عيوض خان صاحب ، خان بهادر۽ هزهئينس جهڙن لقبن سان نوازيو وڃي ٿو . اسان مارئي جا وارث سڏائي مارئي جي مٽيءَ کي ڀڳڙن مٺ نيلام ڪريون ٿا ! اسان هر چمڪندڙ شيءَ تي وڪامندي دير ئي نٿا ڪريون! اسان ڌرتي ماتا کي سري عام نيلام ڪندي فخر محسوس ڪريون ٿا! اسان غيرت جي گود ۾ غوش نشين ٿي مٽي ماءُ کان منهن مٽي ساڻيهه جي سودي تي صحيحون ڪريون ٿا! اهڙن ديس جي دلالن ۽ مٽيءَ جي منافقن لاءِ مائي هينئن چئي ويئي آهي
هي منهن ڏيئي ٻن ، تون وه کائي نه مرين
تان جي ملير ڄايون ، تسين سنڱ ڪن
تون ڪيئن منجھان تن ، پاڻ ڪوٺائين مارئي

مارئي جتي حب الوطنيءَ جو اعلى اهڃاڻ آهي اتي ديس جي خوشحالي ۽ داخلي قاعدن ۽ قانون بابت به سندس هڪ منفرد Concept آهي ، جيڪو هڪ اعلى آدرش رکندڙ وطن پرست جو هوندو آهي . مارئي هڪ اهڙو خوشحال ۽ آزاد وطن چاهي ٿي جنهن ۾ آجپو ۽ آزادي هجي. اهڙو وطن جيڪو هر ڏاڍ ۽ ڏمر ، ظلم ۽ جبر کان پاڪ هجي ، جتي عزت نفس سلامت هجي ، حاڪم رعيت تي رُعب بجاءِ انهن کي پنهنجو اولاد سمجھي.
هوءَ اهڙي وطن ۾ رهڻ بجاءِ وطن ڇڏڻ کي ترجيح ڏي ٿي ، جنهن ۾ چوڪيدار چور ٿي وڃي! دوستيءَ جي دعويدار دوکا ڏين ۽ حاڪم رعيت جا حق ڀڃين ! اهڙي عمل کي مارئي هڪ ڀوائتو تصور سمجھي ٿي ڇاڪاڻ ته “جهان نهين چينا، وهان نهين رهنا”
پنهنجي “ماتر ڀومي” لاءِ ته مارئي رات ڏينهن رُني پر حاڪم جوحوس ۽ ڏهڪاءُ ڏسي مارئي هينئن به چيو ،
ج سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي دير
ته ماروئڙا فقير، رهي رهندا ڪيترو”
يا
ج سي لوڙائو ٿيا، جنين ڀر رهن
ته ماروئڙا ٿرن ، رهي رهندا ڪيترو”
ڏسو مارئي جي وطن دوستيءَ جو اعلى مثال: عمر جي ڪوٽ ۾ آهو وهم وڪوڙي وڃيس ٿوته ساڻيهه جي سرتين ڪٿي اهو نه سوچيو هجي ته مارئي مال تي هرکي، ملير کي وساري عمر سان شادي ڪري راڻي ٿي ويهي رهي ، ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته ، سرتيون ڪٿي اهو نه سمجھن ته مارئي لالچ ۾اچي وطن سان غداري ڪري ساڻيهه جو سودو ڪري ڇڏيو هوندائين، ساڻيهه واسين جي سچائي ۽ سيل کي ٽڪو ڏنو هوندائين ، تنهن ڪري مونسان منهنجيون ماروئڙيون ناراض هونديون ، وري به پنهنجي دل کي دلاسو ڏي ٿي ته:

“مونسين مروئڙيون ، ڪهڙي ريت رُسنديون
چوٽيءَ ۾ چيڙ پيو ، پئم رت ڄيون
نيڻين ننڊ وه ٿي ، ساري ساڏوهيون
هتي جي هيون ، ته سڌ پين سيل جي ”
مارئي جي جدوجهد ڪوڙ جي ڪوٽ کي ڪيرائڻ هئي

تاريخ جي تاتارين هميشه دل وارن جي ديس تي دٻدٻي ۽ دهشت سان حاوي ٿي حڪومت ڪئي آهي. ملڪ جي ماڻهن جي مرضيءَ خلاف ڪيئي عمر سومرا مسڪين ماروئڙن کي ڏيهه کان ڏور ڪري نه رڳو ڪوٽن ۽ ڪلفن ۾ قيد ڪن ٿا پر مارئي جي ملڪ جي ماروئڙن جي نڙيءَ تي ننهن ۽ پيٽ تي لت ڏيئي هڙئي حق هڙپ ڪن ٿا. جڏهن وقت جا واسينگ ڏيهه واسين کي ڏنگين ٿا مارئي جي من جا مور ڪارونجھر جي ڪور تي ويهي ڀوڏيسر ۽ ڀالوا جي ڀون بابت لطيف جي لفظن ۾ سا سٽ ساري ٿو جيڪا ڪڏهن مارئي عمر جي اچڻ کان اڳ۾ چئي هئي.

جڪين جھل نڪين پلن ، نڪين رائر ڏيهه ۾
آڻيو وجھن آهرين ، روڙيو رتا گل
مارو پاڻ املهه ، ملير ته مرڪڻون

هن وطن پرست عظيم عورت حد کان مٿي بيحد جي ميدان ۾ وطن ۽ وطن واسين سان محبت جا اعلى اقرار ڪيا آهن. دنيا جي وڏن فلاسافرن کي پوئتي ڇڏي زمان ۽ مڪان جون حدون اورانگھي چئي ڏنائين.

الست برتلم” جڏهن ڪن پيوم
“قالونلى قلب سين” تڏهن تت چيوم
تڏهن وير ڪيوم ، وچن ويڙهيچن سين

مارئي پنهنجو اول ۽ آخر ، ايمان ۽ عقيدو ، ڪعبو ۽ قبلو ، جيئڻ ۽ مرڻ ، ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن جي محبت جي مالها ۾ پورو پروئي ڇڏيائين. عقل ۽ علم کان اڳتي عشق جي انتها ۾ پهچي ماروئڙن جي محبت ۽ نينهن جي نشي ۾ جھانگين سان جڙن جون ڳالهيون ڪيون اٿن . جو دنيا جو هر نظريو جيڪو حب الوطنيءَ بابت آهي سپ مارئي جي نظريي جي ڀيٽ ۾ نيچ محسوس ٿئي ٿو. عمر جا آرڊر ۽ امر ، حڪم ۽ حيلا هن محڪوم ، لاچار، هيڻي ۽ بيوس جي اڳيان بيڪار ثابت ٿين ٿا.جڏهن هوءَ ماروئڙن سان محبت جو انوکو مثال ڏي ٿي:

آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پنهوارن پچار
جڙ جنين جي جان ۾، لڳي ري4 لوهار
ميکون محبت سنديون ، هينئڙي منجھه هزار
پکا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا

جڏهن هن جڏيءَکي ديس کان دوريءَ جو احساس انتها تائين ستائي ٿو تڏهن ڏکن جا ڏينڀوڏنگين ٿا ۽ نااميديءَ جا نانگ عمر جي آرڊر تي هن ڦريل کي ڦوڪين ٿا، تڏهن هن جي دُکي دل کي پنهوارن نه پسن جي پڪ ٿئي ٿي ، ته شايد، هاڻ مئي کانپوءِ ئي وطن وڃان ۽ پوءِ مارئي وطن دوستيءَ ۽ مٽيءَ سان محبت جو هڪ اهڙو سنيهو سڻائي ٿي جنهن جي سڳنڌ روح پاتال تائين محسوس ٿئي ٿي.
حب الوطنيءَ جي اهڙي حقيقت دنيا جي تارخ ۾ ڪونه ٿي ملي. مارئي جون جڏهن جيئري وطن ورڻ جون آسون ۽ اميدون الوپ ٿيندي محسوس ٿين ٿيون تڏهن هن بيوس ۽ لاچار موت کي منعى ڏيڻ خاطر مرڻ پڄاڻان به وطن ورڻ جو خيال دل ۾ هري ٿو.
وطن جي ولين ۽ وڻن جو واس، ساڻيهه جي سڳنڌ ۽ اباڻن جي اُڪنڊ، مٽيءَ جي مهڪ ۽ ماروئڙن جي ڇڪ من اندر ماتام مچائي ٿي. پڇاڙي تائين مارئي جي اها خواهش رهي ٿي ۽ ان جي هوءَ اظهار به ڪري ٿي. اي عمر سومرا ! جيڪڏهن تنهنجي هن ڪوٽ ، هن قيد خاني م منهنجو موت واقع ٿئي ته منهنجو جسم خاڪي ٿر پڄائجان ته جيئن منهنجي قبر پنهنجي ماروئڙن ۽ پنهوارن سان گڏ ٿئي ته هن مصيبت جي ماريل کي معراج نصيب ٿيو.

واجھاءَ وطن کي ، جي آئون هت مياس
ته گو منهنجي سومرا ، ڪج پنهوارن پاس
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه ، منجھان ولڻين واس
ميائي جيس، جي وڃي مِڙهه ملير ڏي

Total Page Visits: 10 - Today Page Visits: 3